بلوچستان جي ضلعي ڊيره بگٽي جي علائقي سوئي ۾ پوليس گاڏي تي دستي بم حملي جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو.پوليس اختيارين موجب ڊيره بگٽي جي علائقي سوئي جي طوطا ڪالوني ۾ نامعلوم ماڻهن گشت تي مقرر پوليس موبائل تي دستي بم اڇليو جيڪو زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو. پوليس ٻڌايو ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ پوليس موبائيل ۾ سوار 2 اهلڪار نصرالدين ۽ رحيم علي شهيد جڏهن ته هڪ اهلڪار سب انسپيڪٽر انور زخمي ٿي پيو، جنهن کي طبي امداد لاءِ سوئي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
