34

ايران جا اسرائيل تي ميزائل ۽ ڊرونز سان حملا جاري، حيفه ريفائنري مڪمل بند، 3 اسرائيلي مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

 ايران چوٿون ڀيرو  اسرائيل جي راڄڌاني تل ابيب ۽ حيفه شهر تي بيلسٽڪ ميزائل، ڊرون فائر ڪري ڇڏيا جنهن کان پوءِ اسرائيل ۾ سائرن جا آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن. ايراني ميڊيا موجب حيفه جي رمات ڊيوٽايئربيس کي نشانو بنايو ويو آهي، جڏهن ته اسرائيل به تهران تي تازو حملو ڪيو آهي. ايراني حملي کان پوءِ اسرائيل ۾ حيفه ريفائنري کي مڪمل طور تي بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته حملي ۾ 3 ملازم مارجي ويا آهن. پاسداران انقلاب جي ترجمان جنرل علي محمد چيو ته آپريشن واعده صادق سوم جي اها نائين لهر آهي جيڪا صبح تائين جاري رهندي. اسان دشمن کي هڪ لمحي جي لاءِ به امن سان رهڻ نه ڏينداسين. ايراني سيڪيورٽي ڪونسل انهي کان اڳ بيان ڏنو هو ته اڄ چوٿون ڏينهن انتهائي خطرناڪ هوندو، اسرائيل کي رات جي وقت به ڏينهن جو منظر نظر ايندو. هوڏانهن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو تهران جي عوام ۽ ايران تل ابيب جي شهرين کي فوري طور لڏ پلاڻ جي هدايت جاري ڪندي وڏن حملن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن ايران صبح سوير اسرائيل تي ٻيو وڏو حملو ڪندي درجنين بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي عمارتون مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويون. جڏهن ته 9 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا. تازي حملي ۾ حيفه پاور پلانٽ کي نشانو بنايو ويو جنهن ۾ ايراني ميزائل حملن جي نتيجي ۾ باهه لڳي وئي هئي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو