ڪراچي ۾ اڄ موسم گرم ۽ وچولو رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته صوبي جي ٻين علائقن ۾ به موسم گرم، تمام گهڻو گرم ۽ خشڪ رهي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ وڌ کان وڌ گرمي پد 41 ڊگھري سينٽي گريڊ کان وڌي سگهي ٿو جڏهن ته هوا ۾ نمي جو تناسب صبح جي وقت 80 ۽ شام جو 60 سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿو. صوبي جي اوڀرين علائقن ۾ نمي وارين هوائن جو سلسلو جاري آهي. شهر جي ڏوراهين علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي کنوڻ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. اربع يا خميس تي ڪراچي ۾ معمول کان وڌيڪ تيز هوائون هلي سگهن ٿيون. موسميات کاتي موجب اڄ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ٺٽو ۽ سجاول ۾ به ڪجهه هنڌن تي کنوڻ سان هلڪي برسات جو امڪان آهي،
