ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته اسان هميشه امن ۽ سلامتي جي ڪوشش ڪئي آهي، پر موجوده حالتن ۾ مڙهيل جنگ جو خاتمو رڳو ان صورت ۾ ممڪن آهي، جڏهن دشمن جي جارحيت کي غير مشروط طور تي روڪيو وڃي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ هن لکيو ته امن لاءِ ضروري آهي ته صهيوني دهشتگردن جي مهم جوئي کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جي يقيني ضمانت ڏني وڃي. ايران جي صدر خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ان جي نتيجي ۾ اسان جو ردعمل دشمن لاءِ وڌيڪ سخت ۽ افسوسناڪ هوندو. هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن برطانيا جو پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي جنيوا پهچي چڪو آهي، جتي هو يورپي پرڏيهي وزيرن ۽ پنهنجي ايراني هم منصب سان اڳواٽ طئي ٿيل ڳالهين ۾ شرڪت ڪندو. ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي اسرائيلي حملن ۾ شامل ٿيڻ بابت فيصلو ڪرڻ لاءِ ٻن هفتن جي ڊيڊ لائين ڏني آهي. يورپي اڳواڻن کي اميد آهي ته ان مدي کان اڳ سفارتي حل ڳولي ڇڪتاڻ گهٽائي سگهجي ٿي.
