50

شهيد بي بي جو وزن اڄ به اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، انهي مان رهنمائي وٺي جمهوريت کي مضبوط ڪنداسين: صدر آصف زرداري

 صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شهيد بي بي جو  وزن اڄ به اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي انهي مان رهنمائي وٺي جمهوريت کي مضبوط ڪنداسين. اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي 72هين سالگره جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري سندس قومي خدمتن ۽ عظيم قربانين کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جمهوريت، انساني وقار ۽ عورتن جي حقن لاءِ جيڪا نه ورڻ جوڳي جدوجهد ڪئي اها اڄ به تاريخ جو روشن باب آهي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو آمريت جي خلاف جرئت ۽ استقامت سان مزاحمت ڪئي ۽ ملڪ ۾  جمهوريت جي بحالي لاءِ هلندڙ تحريڪن جي قيادت ڪئي، اها قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي تي مڪمل يقين رکندي هئي، انهي جو وزن، قربانيون ۽ عوام سان گهري وابستگي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اجتماعي ميراث آهي. صدر زرداري چيو ته شهيد بي بي هميشه عورتن جي سماجي ۽ معاشي خودمختاري جي علمبردار رهي، هو پٺتي پيل طبقن ۽ اقليتن جي آواز بڻجي اڀري ۽ هڪ پرامن خوشحال ۽ جمهوري پاڪستان جي خواهشمند هئي، انهي جي اصولي سياست اڄ به هڪ منصفاڻي ۽ جمهوري معاشري جي قيام لاءِ مشعل راهه آهي. صدر انهي ارادي جو اظهار ڪيو ته اسان شهيد  بينظير ڀٽو جي وزن مان رهنمائي وٺندي نه صرف جمهوريت کي مستحڪم ڪنداسين پر هر شهري جي بنيادي حقن جو به تحفظ يقيني بنائينداسين.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو