عمران خان ڪيترائي ڀيرا اين آر او جو پيغام اماڻيو: طلال چوڌري جي دعويٰ

سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني علي امين گنڊا پور ۽ ٻين ماڻهن جي ذريعي ڪيترائي ڀيرا اين آر او جو پيغام اماڻيو پر انهي کي حڪومت طرفان  ڪابه اين آر او جي آڇ نه ڪئي وئي آهي. نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي چيف وهيپ عامر ڊوگر چيو ته پي ٽي آءِ باني کي جيل وڃڻ کان پهريان ۽ بعد ۾ به پرڏيهه وڃڻ يا گهر ۾ نظر بند ٿيڻ جي ڪيترائي ڀيرا آڇ ڪئي وئي جيڪا هن رد ڪري ڇڏي. پروگرام ۾ شريڪ سينيٽر طلال چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ باني علي امين گنڊاپور ۽ ٻين ماڻهن جي ذريعي ڪيترائي ڀيرا اين آر او جو پيغام اماڻيو پر انهي کي حڪومت طرفان اين آر او جي ڪابه آڇ نه ڪئي وئي آهي. انهي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر ناز بلوچ چيو ته اسان جي پارٽي جو وفاقي ڪابينه جو حصو بنجڻ جو ڪوبه ارادو نه آهي.