پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ: ديا مير ڀاشا ۽ مہمند ڊيم تي تيزي سان ڪم جاري

تفصيلن موجب پاڪستان هن وقت زراعت لاءِ پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن جي لاءِ حڪومت گلگت بلتستان جي علائقي چلاس ۾ ديا مير ڀاشا ڊيم جي تعمير تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾ واپڊا جي چيئرمين نويد اصغر چوهدري صوبه خيبرپختونخوا جي قبائلي ضلعي مہمند ۾ درياءُ سوات تي ٺهندڙ مہمند ڊيم هائيڊرو پاور پروجيڪٽ جو دورو ڪيو. دورو دوران چيئرمين سپل وي، پاور هائوس، مين ڊيم، ڊائيورشن سسٽم ۽ پاور انٽيڪ سميت مختلف هنڌن تي تعميراتي ڪم جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو ته واپڊا هن سال مئي ۾ مين ڊيم تي باضابطه تعميراتي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي هن ٻڌايو ته اڳواٽ ڪم جهڙوڪ ريور ڊائيورشن ٽنل، اپ اسٽريم ۽ ڊائون اسٽريم ڪوفر ڊيم، ڊيم پلنتھ ۽ ٻنهي پاسن جون ابٽمينٽس جي کوٽائي ۽ ڊيم جي بنيادن تي به خاصي اڳڀرائي ٿي آهي. چيئرمين کي ٻڌايو ويو ته هن وقت 14 مختلف هنڌن تي بیک وقت تعميراتي ڪم هلي رهيو آهي، پاور هائوس جي عمارت تي به ڪم شروع ٿي ويو آهي ۽ اليڪٽروميڪينڪل سامان جي تياري به ترقي جي مرحلن ۾ آهي، جڏهن ته سپل وي تي ڪم مقرر وقت کان اڳ هلي رهيو آهي مهمند ڊيم کان اميد آهي ته مڪمل ٿيڻ بعد 2027 ۾ بجلي پيدا ڪرڻ شروع ڪندو. ياد رهي ته 213 ميٽر اوچائي سان هي ڊيم دنيا جو پنجون سڀ کان اوچو ڪنڪريٽ فيسڊ راڪ فل ڊيم (CFRD) هوندو. ان ۾ 1.29 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي اسٽور ڪرڻ جي گنجائش هوندي، جيڪا مهمند ۽ چارسده ۾ 18,233 ايڪڙ نئين زمين کي آباد ڪري سگهندي. ان سان گڏ منڊا هيڊ ورڪس کان نڪرندڙ هيٺين سوات ۽ دوآبہ ڪينال جي موجوده ڪمانڊ ايريا جي 160,000 ايڪڙ زمين کي به آبپاشي لاءِ پاڻي ملي سگهندو 800 ميگاواٽ جي نصب ٿيل صلاحيت سان، هي پروجيڪٽ هر سال نيشل گرڊ کي لڳ ڀڳ 2.86 بلين يونٽ سستي ۽ صاف هائيڊل بجلي فراهم ڪندو. ان کان علاوه، مهمند ڊيم پشاور، چارسده ۽ نوشهره ۾ ٻوڏ جي خطري کي به گهٽائيندو ۽ پشاور شهر کي روزانو 300 ملين گيلن صاف پيئڻ جو پاڻي به مهيا ڪندو.