لياري ۾ عمارت ڪرڻ کان پوءِ SBCA جو وڏو فيصلو، غير قانوني اڏاوتن خلاف وڏي ڪارروائي جو اعلان

تفصيلن موجب ڪراچي جي علائقي لياري ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي کان پوءِ آفيسرن ۽ عملي جي گرفتاريءَ کانپوءِ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (SBCA) غير قانوني عمارتن خلاف وڏي پيماني تي آپريشن جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ايس بي سي اي اعلان ڪيو آهي ته شهر ڀر ۾ غير قانوني طور تي زير تعمير عمارتن کي فوري طور ڊاهيو ويندو اداري موجب عمارتون مالڪن جي خرچ تي ڊاهي وينديون، ۽ جيڪڏهن انهن پاران ادائيگي نه ڪئي وئي ته ٽيڪس جي مد ۾ رقم وصول ڪئي ويندي. هي آپريشن گهڻ رهاڪن وارن علائقن مان شروع ڪيو ويندو، جتي ضلعي انتظاميا کان مدد وٺي عمارتن جي ڊهڻ دوران مڪمل حفاظتي اپائن کي يقيني بڻايو ويندو ايس بي سي اي چيو آهي ته روزاني بنياد تي حڪومت کي انهيءَ آپريشن بابت رپورٽ پيش ڪئي ويندي، جنهن لاءِ سمورن ايڊشنل ڊائريڪٽرز، ضلعي، علائقائي ۽ ڊيمولشن ڊائريڪٽرن کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن ياد رهي ته گذريل ڏينهن پوليس سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي هيڊ آفيس تي ڇاپو هنيو هو، جنهن دوران ڪيترن ئي اهم آفيسرن کي حراست ۾ ورتو ويو. ذريعن موجب اها ڪارروائي ڊي جي ايس بي سي اي جي موجودگيءَ ۾ ميٽنگ دوران ٿي گرفتار ٿيل عملدارن ۾ ايڊيشنل ڊي جي عرفان نقوي، ڊائريڪٽر اشفاق کوکرو، ڊائريڪٽر اسٽريڪچر فهيم مرتضیٰ، ڊپٽي ڊائريڪٽر عاصم خان، فهيم صديقي، انسپيڪٽر ذوالفقار شاهه، ڊائريڪٽر انڊسٽريز جليئس صديقي ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ظفر شامل آهن.