تفصيلن موجب پاڪستان ريلوي هڪ نئين ۽ جديد بزنس ٽرين هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو افتتاح 19 جولاءِ تي ڪيو ويندو. نئين بزنس ٽرين ۾ 28 ڊجيٽل ڪوچز، مفت وائي فائي ۽ بين الاقوامي معيار جي ڊائننگ ڪار جون سهولتون مهيا ڪيون وينديون. ٽرين جو افتتاح لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف ڪندا ريلوي ترجمان موجب هي جديد بزنس ٽرين پاڪستان ريلوي کي جديد بڻائڻ جي وڏي منصوبابندي جو حصو آهي، جنهن ۾ ڊجيٽل ٽڪيٽنگ، بهتر آن بورڊ سروسز ۽ اپ گريڊ ٿيل اسٽيشن جون سهولتون پڻ شامل آهن. ان قدمن سان مسافرن کي وڌيڪ آرامده ۽ معياري سهولتون مهيا ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي.