سانگهڙ: ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ مال جي ڀيل تان جهيڙو، فائرنگ، نوجوان مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي

سانگهڙ ڀرسان سنجهوري ٿاڻي جي حد ڳوٺ خدا ڏنو شاھ ۾ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ مال جي ڀيل تان جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران فائرنگ ۾ هڪ ڌر جو 22 ورهين جو نوجوان نياز حسين ولد موسيٰ ابڙو ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا محبوب ولد گل ابڙو، حسين بخش ولد حمزو ابڙو سخت زخمي ٿي پيا. جن کي تعلقه سول اسپتال آندو ويو جڏنهن ته جهيڙي جي 2 زخمين محبوب ابڙو ۽ حسين بخش ابڙو کي فوري طبي امداد بعد ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ سبب کين حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي انهي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 2 ڏينهن اڳ مال جي ڀيل تان پيش آيو هو جنهن جو فيصلو به ڳوٺ جي مسجد ۾ ٿيو هو پر اڄ وري جهيڙو خوني رنگ اختيار ڪري ويو جنهن ۾ هيل تائين هڪ ڄڻو قتل ۽ 2 ڄڻا شديد زخمي آهن.