عوام تي مهانگائي جو نئون وار، کنڊ جي قيمت ڊبل سينچري مڪمل ڪري ورتي

سموري ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت ۾ رڪارڊ اضافو سامهون اچي ويو آهي، ڪيترن ئي شهرن ۾ في ڪلو کنڊ جي قيمت ڊبل سينچري(يعني 200 روپيه) تي پهچي چڪي آهي شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ تازن انگن اکرن موجب سموري ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت 188 روپيه 44 پئسا في ڪلو تائين پهچي چڪي آهي رپورٽ موجب صرف هڪ هفتي جي دوران کنڊ جي قيمت ۾ 3 روپيه 52 پئسا في ڪلو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. گذريل هفتي اها قيمت 184 روپيه 92 پئسا في ڪلو هئي. شماريات کاتي موجب ڪراچي، اسلام آباد ۽ راولپنڊي جهڙن وڏن شهرن ۾ کنڊ جي قيمت وڌ کان وڌ 200 روپيه في ڪلو تائين پهچي چڪي آهي انگن اکرن تي نظر وجهنداسين ته اندازو ٿيندو ته کنڊ جي قيمت ۾ صرف هفتيوار ئي نه پر سالياني بنيادن تي به اضافو ٿيو آهي. هڪ سال اڳ کنڊ جي قيمت 145 روپيه 88 پئسا في ڪلو هئي يعني هڪ سال جي اندر في ڪلو کنڊ 42 روپيه 56 پئسا مهانگي ٿي چڪي آهي اقتصادي ماهرن موجب اهو اضافو صرف صارفين جي کيسي تي صرف بار نه وجهي رهيو آهي پر صنعتي شعبن، خاص طور تي بيڪري، مشروبات ۽ ڪنفيڪشنري صنعت تي به گهرو اثر وجهي رهيو آهي. مهانگائي جي انهي نئين وار سان عام شهري اڳ کان جاري معاشي دٻاءُ ۾ وڌيڪ پيسجي رهجي ويا آهن.