قطر ۾ آمريڪي اڏي تي ايراني ميزائل حملي جي تصديق، سيٽلائٽ تصويرن ۾ تباهي جا ثبوت سامهون اچي ويا

آمريڪي دفاعي کاتي پينٽاگون آخرڪار قطر ۾ واقع العديد ايئربيس تي ايراني بيلسٽڪ ميزائل حملي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي حملي کان اڳ ۽ بعد جي جاري ڪيل سيٽلائٽ تصويرن ۾ اڏي جي مواصلاتي ڊوم کي پهچندڙ تباهي واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿي تفصيل موجب ايران 23 جون تي العديد اڏي تي حملو ڪيو هو جنهن ۾ آمريڪا جي مواصلاتي نظام جي اهم حصي کي نشانو بنايو ويو. پينٽاگون جي ترجمان ٻڌايو ته ايراني ميزائل خاص طور تي مواصلات کي محفوظ بنائيندڙ ڊوم کي تباهه ڪيو، جيڪو آمريڪي فوجي آپريشن جي لاءِ انتهائي اهم هو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ بيان ۾ چيو ته ايران حملي کان اڳ اشارو ڏئي ڇڏيو هو، جنهن جي ڪري اسان کي اڏو جزوي طور تي خالي ڪرڻ جو موقعو مليو، پر قطر جي حڪومت هينئر تائين انهي واقعي تي ڪوبه رسمي رد عمل ظاهر ناهي ڪيو ويو عالمي مبصرين جو خيال آهي ته اهو حملو ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ 12 ڏينهن جنگ جي دوران هڪ اهم موڙ ثابت ٿيو جنهن کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگبندي ٿي وئي، انهي حملي کي ايران جي طرفان آمريڪا جي جوابي ڪارروائي جو واضح پيغام سمجهيو پيو وڃي سيٽلائٽ تي سامهون ايندڙ تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته حملي کان اڳ ڊوم عمارت مڪمل طور تي صحيح سلامت هئي، جڏهن ته حملي کان پوءِ انهي جي ڇت مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪي آهي ۽ اندروني ڍانچو سخت متاثر ٿيو آهي، سيڪيورٽي ماهرن موجب اهو حملو ايران جي ميزائل ٽيڪنالوجي جي مهارت جو نشان آهي، جنهن ۾ انهن انتهائي صحيح طريقي سان اهم آمريڪي فوجي انفراسٽرڪچر کي نشانو بنايو.