حيدرآباد ۾ برسات: 14 ڪلاڪ گذرڻ باوجود مختلف علائقن ۾ پاڻي جمع، بجلي جي فراهمي معطل

حيدرآباد ۾ گذريل رات پيل برسات کي 14 ڪلاڪ گذرڻ جي باوجود به مختلف علائقن ۾ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي گذريل ڏينهن حيدرآٻاد ۾ ڪلائوڊ برسٽ ٿيو جنهن سبب تيز برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا هئا. موسميات کاتي موجب حيدرآباد ۾ ڪالهه هڪ ڪلاڪ جي دوران 94 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ شهر جا ڪيترائي علائقا پاڻي ۾ ٻڏي ويا حيدرآباد ۾ برسات بند ٿيندي 14 ڪلاڪ کان وڌيڪ جو وقت گذري چڪو آهي پر انهي باوجود مختلف علائقن ۾ ڪيترائي فٽ پاڻي هن وقت به روڊن تي موجود آهي. پريٽ آباد ۽ لطيف آباد سميت ٻيا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جنهن جي ڪري شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ سان پاڻي جي نيڪال ۾ پريشانيون پيش اچي رهيون آهن حيسڪو ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته حيدرآباد ضلعي جي 153 فيڊرز مان 139 فيڊر بحال ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف ميئر حيدرآباد جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي بحال ٿي وئي آهي ۽ اتان پاڻي نيڪال ڪرڻ جو ڪم جاري آهي، جڏهن ته برسات دوران مختلف حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا. انهي کان علاوه بدين، سجاول، ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊو محمدخان ۾ به برسات پئي آهي.