ٺل: بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ، 2 نينگر مارجي ويا

ٺل ڀرسان ڳوٺ امام بخش بجاراڻي ۾ بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي دوران ٻه معصوم ٻارڙا مارجي ويا آهن هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه سڳا سئوٽ 12 ورهين جو عبدالقدير بنگلاڻي ۽ 14 ورهين جو نادر بنگلاڻي قتل ٿي ويا آهن. انهي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي سئوٽ پنهنجي ڳوٺ کان ڪرمپور وڃي رهيا هيا ته هٿياربندن پڪڙي ٻنهي کي ڪلاشنڪوف جو برسٽ هنيو پوليس موجب بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان ٻن معصوم ٻارڙن کي قتل ڪيو ويو آهي واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن علائقي ۾ اهي چوٻول هلي رهيا آهن ٻنهي ٻارڙن کي ٻه ڏينهن اڳ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڌاڙيل الله بخش بنگلاڻي جي جاسوسي جي الزام ۾ قتل ڪيو ويو آهي بي سيڪشن پوليس موجب قتل ٿيل نينگر قدير بنگلاڻي کي 6 مهيا اڳ اغوا ڪيو ويو هو. مقتول نينگر قدير بنگلاڻي جي ان وقت اغوا جو ڪيس شير بنگلاڻي ڌر تي داخل ڪرايو ويو هو. سبحان بنگلاڻي جي وارثن موجب قتل ٿيل سبحان بنگلاڻي گذريل ڏينهن ڪراچي کان مائٽن وٽ گهمڻ لاءِ آيو هو.