عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) کنڊ جي درآمد تي ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن ذريعن موجب آءِ ايم ايف خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙن قدمن سان 7 ارب ڊالر قرض پروگرام متاثر ٿيڻ جو امڪان ٿي سگهي ٿو آءِ ايم ايف جي خدشن تي حڪومت موقف اختيار ڪيو ته کنڊ جي درآمد فوڊ ايمرجنسي جي تحت ڪئي پئي وڃي پر هاڻ آءِ ايم ايف حڪومتي وضاحت رد ڪندي چيو ته کنڊ درآمد تي ٽيڪس ڇوٽ آءِ ايم ايف معاهدي جي کليل ڀڃڪڙي آهي ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف جي خدشن کان پوءِ حڪومت کنڊ جي درآمد تي ڏنل ٽيڪس ڇوٽ واپس وٺڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ کنڊ درآمد جو فيصلو مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو به امڪان آهي ذريعن موجب ڪابينه ناڻي واري وزارت جي راءِ کان سواءِ درآمد جي منظوري ڏني هئي پر هاڻ اها نجي شعبي جي لاءِ ڏنل ٽيڪس ڇوٽ واپس وٺڻ تي به غور جاري آهي ياد رهي ته ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 200 روپيه في ڪلو کان مٿي ٿي چڪي آهي. حڪومت کنڊ جي قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ جي لاءِ 5 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ جي درآمد تي سموريون ڊيوٽيز معاف ڪري ڇڏيون هيون. ٽي سي پي 3 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ درآمد جو ٽينڊر اڳ ئي جاري ڪري چڪو آهي ۽ کنڊ درآمد جي ٻولي جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 18 جولاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.