پريالوءِ ڀرسان سولرٽيوب ويل لائڻ لاءِ ڇڪيل تارون جي بجلي مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري نوجوان فوت . لاش گهر پهچڻ تي قهرام . پريالوءِ ڀرسان فيض محمد ٻنڊو جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ ملهاربکراڻي ناريجو جو رهواسي 25 سال نوجوان عبدالله پٽ سائٿ علي ناريجو بجلي جي لڳل تارمان ڪرنٽ لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو . تارن ۾ ڦاٿل نوجوان عبدالله ناريجو کي علائقي واسين ڏسي سندس وارثن کي اطلاع ڪيو جنهن بعد تارون ۾ ڦاٿل نوجوان جا وارث واقعي واري هنڌ پهچي بجلي جي تارون ۾ ڦاٿل نوجوان عبدالله جو لاش ڇڏائي گهرپهچايوته گہر ۾ قهرام مچي ويو