ايف بي آر پاران 18 ارب سيلز ٽيڪس گهٽ وصول: رڳو 11 ارب اوڳاڙي تسليم، فراڊ جا ڪيس آهن: لنگڙيال

پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي ذيلي ڪاميٽي جو اجلاس سيد نويد قمر جي صدارت ۾ هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ ايف بي آر متعلق مالي سال 2011-12ع کان 2022-23ع تائين جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. 18 ارب رپين جي سيلز ٽيڪس جي گهٽ وصولي بابت آڊٽ اعتراض پيش ڪيو ويو. آڊٽ اختيارين ٻڌايو ته کاتو اڄ به رڳو 11 ارب رپين جي وصولي تسليم ڪري رهيو آهي. ڪاميٽيءَ جي ڪنوينر سيد نويد قمر چيو ته اوهان جا پنهنجا ماڻهو به ملوث آهن. ايف بي آر جي چيئرمين راشد لنگڙيال چيو ته هي فراڊ جا ڪيس آهن، انهن کي ڪرمنل سطح تي حل ٿيڻ گهرجن. جعلي انوائسز کي روڪڻ لاءِ ٻه طريقا آهن. ڪاميٽي جي ميمبر منزه حسن سوال ڪيو ته رپورٽ موجب 16 ايف بي آر فيلڊ آفيسون ان ۾ ملوث هيون، انهن جو ڇا ڪيو ويو. ڪاميٽي ان معاملي کي ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته 41 ارب رپين کان وڌيڪ بقاجات ادا نه ٿيڻ جو اعتراض واريو ويو. آڊٽ اختيارين چيو ته انهن ڪا به انڪوائري رپورٽ اسان سان شيئر نه ڪئي آهي. چيئرمين ايف بي آر چيو ته ان تي ايڪشن وٺنداسين. ڪاميٽي اِن معاملي کي ٻيهر ڊي اي سي (ڊپارٽمينٽل اڪائونٽس ڪاميٽي) حوالي ڪري ڇڏيو. ڪاميٽيءَ ۾ بٺي مالڪن کان 6 ارب رپين کان وڌيڪ سيلز ٽيڪس جي عدم وصولي بابت به اعتراض پيش ڪيو ويو. آڊٽ اختيارين چيو ته بٺا هلن پيا، پر رقم رڪور نه ٿي رهي آهي. ايف بي آر اختيارين چيو ته رڪوري ٿي رهي آهي. اسان 3.7 بلين رپين تائين آڊٽ کي مطمئن ڪري چڪا آهيون. ڪاميٽي اِن معاملي کي به ٻيهر ڊي اي سي حوالي ڪري ڇڏيو.