گمبٽ ڀرسان درگاھه مسڪين پور وٽ تيز رفتار سکر کان سيوهڻ ويندڙ ويگن جو پويون ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ پني عاقل واسي معصوم ٻارڙو 4سالن جو اويس جتوئي، 18 سالن جي مائي جهران، 30 سالن جي صفيا، هنگورجا واسي غلام حيدر مڱڻيجو، مسڪين پور واسي 60 سالن جي شمع بيگم، ڳوٺ ملڪو واھڻ واسي 35 سالن جو ڊرائيور ارشد ڀٽي سميت ڇھ ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، لاش گمس اسپتال ۾ پيل آهن. مڙھ ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويندا. زخمين ۾ 16 مسافر منظوران، راحت، حيدر علي، وزير علي، ڪائنات، آصف عظمه، ساجن، صمد رفيق علي، محمد علي، سمائي خاتون، زوهيب علي، ماريا، پروين، توحيده شامل آهن. جن کي گمس اسپتال ۾ ريپڊ سينٽر منتقل ڪري علاج ڏنو پيو وڃي. هوڏانهن وڏي وزير مراد علي شاھه حادثي جو نوٽيس ورتو ۽ ڪمشنر سکر کي هدايت ڪئي ته زخمين کي صحت جون بهتر بنيادن تي سهولتون ڏنيون وڃن ۽ فوتين جي وارثن سان ڏک جو اظهار پڻ ڪيو آهي. ٻئي طرف معمولي زخمين کي فرسٽ ائڊ ڏيڻ بعد گهر روانو ڪيو ويو ۽ وڌيڪ زخمين جو علاج هلندڙ آهي. فوتين جا مڙھه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن. فوتين جا مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ گهر ڀاتين کي بيهوشي جا دورا پوندا رهيا.