“پريالوءِ ڀرسان سنڌو درياهه جي چاڙهه سبب ڪچي جا علائقا پاڻي هيٺ، ڳوٺاڻن جي لڏ پلاڻ شروع”

پريالوءِ ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ ملڪ ۾ پيل برساتن بعد درياهه ۾ چاڙهه اچي ويو آهي، جڏهن ته سنڌو درياهه اٿلڻ سبب ڪچي جا ٽي حصا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جن ۾ ڳوٺاڻن گذريل ٻوڏن ۾ ٿيل نقصان کي نظر ۾ رکندي پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏ پلاڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. علائقي جي سياسي سماجي ڌرين جو چوڻ آهي ته جنهن طريقي سان تيزيءَ سان پاڻي ۾ واڌ اچي رهي آهي ته ان مان لڳي ٿو ته وڏي ٻوڏ اچي سگهي ٿي ۽ بچاءُ بند کي شديد نقصان پهچندو ، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته آبپاشي عملدارن جي نااهليءَ جو نوٽيس وٺي الرا جاگير بچاءُ بند جي نگراني شروع ڪئي وڃي