ھفتو اڳ بي سيڪشن جي ايس ايڇ او.سي آء اي پاسبان خلاف احتجاج ڪندڙ متاثرين ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ پاران متاثرين سان انصاف ڪرڻ بدران يا ايس ايڇ او خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران متاثرين مٿان ئي ايس ايس پي ڏمرجي پيو . متاثرين موجب مجيد ڀيو کي ايس ايڇ او بي سيڪشن کنڀي گم ڪري ڇڏيو ايس ايس پي کنڀي گم ٿيل نوجوان مجيد ڀيو جي چاچي پوليس اهلڪار الله ڏنو ڀيو کي ڪواٽرگهاٽ ڪري ڇڏيو ! هي آهي پوليس جو انصاف جيڪڏهن کنڀي گم ڪيل نوجوان مجيد ڀيو جو ڪو ڏوه آهي ته ان مٿان ڪيس داخل ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي اگر هو بي ڏوهي آهي ته مجيد ڀيو سميت ڪواٽرگهاٽ ڪيل پوليس اهلڪار سان انصاف ڪيو وڃي جي اگر هڪ ذميوار آفيسر ئي انصاف نه ڪندو ته پوء انصاف ڪير ڪندو کنڀي گم ڪيل نوجوان مجيد ڀيو جي وارثن جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ زور ڀري رهيو آهي ته ڪورٽ ۾ جيڪا پٽيشن داخل ٿيل آهي ان مان هٿ کنيو وڃي جي هٿ نه کنيو ويو ته نوجوان سميت پوليس اهلڪار کي آزاد نه ڪيو ويندو ڪوارٽر گھاٽ ڪيل پوليس اهلڪار الله ڏنو ڀيو جي وارثن ٻڌايو ته الله ڏنو ڀيو لڳ ڀڳ 4 ڏينهن کان ڪواٽرگهاٽ آهي جنهن جي طبيعت به ٺيڪ ناهي پوليس عملدار کي منٿون ڪيون ته ان کي آزاد ڪيو وڃي پر ڪنهن به اسان جي هڪ نه ٻڌي هن سماج ۾ انصاف جي گهر ڪندڙ کي بيوقوف سمجهيو ويندو آهي اهو ان لاء ته انصاف ڏيندڙ ئي پاڻ ظلم جبر جو ڪارو قانون پاڻ وٽ ٺاهيون ويٺا آهن مان سڀني کي عرض ڪريان ٿو ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي خوشامند ڪرڻ هاڻ بند ڪريو ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ مال ميڙيندڙ ايس ايڇ او هٿان يرغمال بڻيل آهي خدارا هن سماج ۾ بهتري لاء ڪردار ادا ڪريو ! ڇو ته ڪردار ئي هميشه ڳاٽ اوچو ڪندو آهي اسان مطالبو ڪريون ٿا ته بي ڏوه هن وقت ڪواٽرگهاٽ بڻيل پوليس اهلڪار کي الله ڏنو ڀيو کي بنادير آزاد ڪري کنڀي گم ڪيل نوجوان مجيد ڀيو کي ظاهر ڪيو وڃي جيڪڏهن هن جو ڪو ڏوه آهي ته عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي