پريالوءِ ۾ افسوسناڪ حادثو، نوجوان شفيق احمد ميمڻ پٽ ستار احمد ميمڻ وڻ تان ڪرڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن فوري طور سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو، جتي هو علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي زندگي جي جنگ هارائي ويو. نوجوان جو ڪنڌ پچي پيو هو، ۽ سندس حالت انتهائي نازڪ ٻڌائي پئي وئي. ڊاڪٽرن پاران طبي سهولتون مهيا ڪرڻ باوجود سندس جان بچائي نه سگهي. فوتي نوجوان جي اوچتي لاڏاڻي سبب علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي آهي.