ناڻي واري وزارت ڪيترن ئي وفاقي سرڪاري ادارن جي ڊيفالٽ ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

ناڻي واري وزارت خطري جي گهنٽي وڄائيندي ڪيترن ئي وفاقي سرڪاري ادارن جي ڊيفالٽ ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي رپورٽ موجب ڪيترن ئي وفاقي سرڪاري ادارن جي ڊيفالٽ ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي سرڪاري ادارن جو ريڊ زون ۾ ڪم ڪرڻ جو انڪشاف به ٿيو آهي. سرڪاري ادارن جا ڪيترائي بورڊ آف ڊائريڪٽرز لاڳيتو غير فعال آهن ناڻي واري وزارت جي دستاويزن موجب ڪيترن ئي وفاقي سرڪاري ادارن جي ڊيفالٽ ٿيڻ جوا مڪان آهي. ڪيترائي سرڪاري ادارا ريڊ زون ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙن ادارن جي ڊيفالٽ ٿيڻ جو صرف امڪان نه پر ڊگهو امڪان آهي. سرڪاري ادارن جا ڪيترائي بورڊ آف ڊائريڪٽر غير فعال آهن دستاويز موجب بورڊ ميمبرن وٽ نه مهارت آهي نه وري آزادي، بورڊز ۾ مقرر آفيسرن وٽ گهربل تجربو به نه آهي، بورڊ ميمبرن وٽ اسٽريٽجڪ فيصلا وٺڻ ۽ احتساب لاڳو ڪرڻ جو اختيار به نه آهي ناڻي واري وزارت جي دستاويزن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڪيترن ئي ادارن ۾ آڊٽ ڪمپنيون فعال يا صرف علامتي هونديون آهن. خطري جي انتظام جا طريقيڪار يا ته موجود نه آهن يا صرف خانه پوري تائين محدود آهن دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته موثر نگراني جي عدم موجودگي مالياتي غلط بياني لاڳت ۾ اضافي کي جنم ڏنو ويو آهي. ڪجهه صورتن ۾ شڪي فراڊ جهڙا معاملا پيدا ٿيا آهن، مالي عدم استحڪام سبب ادارن تي عوامي اعتماد جي زوال ۾ اضافو ٿيو آهي. ناڻي واري وزارت جي دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري ادارن جو اندروني نگراني جو نظام هر ڀيري وقت تي اصلاحي قدم کڻڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.