گڊو ۾ ڏينهن ڏٺي اغوا: مزاحمت تي واپاري زخمي، پٽ اغوا، شھري سراپا احتجاج

تفصيل موجب گڊو جي دشتي پاڙي مان ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 5 نامعلوم ھٿياربندن منجهند جي وقت ھارڊ ويئر جي دڪان تي ڪاھ ڪري دڪاندار ايوب پٺاڻ جي نوجوان پٽ اڪبر پٺاڻ کي اغوا ڪري کڻي ويا، نامعلوم ھٿياربندن دڪاندار ايوب خان پٺاڻ جي پٽ اڪبر پٺاڻ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته دڪاندار مزاحمت ڪئي جنهن بعد ھٿياربندن دڪاندار ايوب خان پٺاڻ جي مٿي تي پسٽل جا بٽ ھڻي سخت زخمي ڪري رتورت ڪرڻ بعد دڪاندار جي نوجوان پٽ 25 ورھين جي اڪبر پٺاڻ کي مارڪٽ ڪندي موٽرسائيڪل تي ويھاري اغوا ڪري فائرنگ ڪندا ڪچي طرف فرار ٿي ويا، جڏهن ته واقعي جي اطلاع بعد گڊو پوليس ۽ سوين شھري موقعي واري ھنڌ پھچي ويا جنهن بعد ايس ايڇ او گڊو اعجاز کوسو ۽ يونين ڪائونسل کيوالي جي وائيس چيئرمين محمد علي مزاري جي اڳواڻي ۾ پوليس ۽ شھري گڏجي ھٿياربندن جو پيڇو ڪندي ڪچي طرف روانا ٿي ويا جڏهن ته گڊو پوليس ۽ شھري پيڇو ڪندي درياءَ جي ڪپ تان مايوس ٿي خالي واپس موٽي آئي جڏهن ته واقعي بعد شھرين مغوي نوجوان جي زخمي والد ايوب خان پٺاڻ، ٽائون ڪاميٽي گڊو جي چيئرمين حاجي يحيا خان پٺاڻ، وائيس چيئرمين فقير محمد ميراڻي، لياقت دشتي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل ھاءِ وي تي شاميانو لڳائي ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو ۽ امن بحال ڪرايو شھرين کي تحفظ ڏيو جا زوردار نعرا لڳايا جڏهن ته ڌرڻو 3 ڪلاڪ جاري رھيو جنهن سنڌ پنجاب ۽ بلوچستان طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ڪنڌڪوٽ ايس ايڇ او گڊو اعجاز کوسو ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙن سان ڳالھيون ڪري 3 ڏينهن جي مھلت طلب ڪئي ۽ موبائيل فون تي ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير احمد شيخ سان رابطو ڪري مغوي جي وارثن سان ڳالھ ٻولھ ڪرائي جنهن بعد مغوي نوجوان جي وارثن پوليس کي 3 ڏينهن جي مھلت ڏيندي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو رابطو ڪرڻ تي مغوي جي وارث ٽائون ڪاميٽي گڊو جي چيئرمين حاجي يحيا خان پٺاڻ ٻڌايو ته پوليس 3 ڏينهن ۾ اسان جي اغوا ٿي ويل نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي اميد ته پوليس پنھنجو واعدو وفا ڪندي ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو ڪنڌڪوٽ گڊو پوليس ھٿياربندن جو پيڇو ڪرڻ دوران ھٿياربندن جي سھولتڪاري جي شڪ ۾ 4 ماڻهن کي گرفتار ڪري ڪنهن نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او گڊو اعجاز کوسو ٻڌايو ته نوجوان اغوا ٿيو آهي ڏوھارين جي سھولتڪاري جي شڪ جي بنياد تي ڪجھ ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي، جاچ جاري آهي بھتري جي اميد ڪري سگهجي ٿي، پوليس پنهنجو ڪم ڪري رھي آھي مغوي کي جلد بازياب ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي…