ڀارت ۾ قديم روايت جي تحت 2 ڀائرن هڪ ئي عورت سان شادي ڪري ورتي

ڀارتي رياست هماچل پرديش ۾ ٻن ڀائرن هڪ ئي عورت سان شادي ڪري ورتي جنهن جي تصوير ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا جي زينت بڻيل آهي ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب اها انوکي شادي جي تقريب هماچل پرديش جي ڳوٺ شيلاني ۾ باٽي قبيلي جي ٻن ڀائرن جي هئي، اها شادي هڪ کان وڌيڪ مڙس رکڻ جي رواج جي تحت ٿي رپورٽ موجب ڪنوار سنيتا چوهان سان پرديپ ۽ ڪپيل نيگي شادي ڪئي، ٽنهي چيو ته انهن اهو فيصلو ڪنهن به دٻاءُ کان سواءِ ڪيو. ڀارتي ميڊيا موجب هماچل پرديش جي ريوينو قانون جي تحت انهي رواج کي(جوديدارا) جو نالو ڏنو ويو آهي ضلعي ٽرانسگيري جي ڳوٺ بدهانا ۾ گذريل 6 سالن جي دوران اهڙي طرح جون 5 شاديون ٿي چڪيون آهن گهوٽ پرديپ جو تعلق شيلاني ڳوٺ سان آهي جيڪو سرڪاري ملازم آهي جڏهن ته انهي جو ننڍو ڀاءُ ڪپيل پرڏيهي ملڪ ۾ روزگار جي سلسلي ۾ ترسيل آهي باٽي قبيلي ۾ هڪ عورت جي هڪ کان وڌيڪ مڙس رکڻ جي روايت صدين کان هلندي پئي اچي، پر خطي ۾ آباد قبيلن جي عورتن ۾ تعليم ۽ معاشي بهتري کان پوءِ عورتن جي هڪ کان وڌيڪ مڙس رکڻ جي روايت ختم ٿي وئي هئي. مذڪوره ڳوٺ جي بزرگن ٻڌايو ته اهڙي طرح جون شاديون ڳجهي طور تي ڪيون وينديون آهن ۽ معاشري ۾ مڃيون وينديون آهن پر انهن جو انگ گهٽ آهي ڀارتي ميڊيا موجب ماهرين موجب اهڙي طرح جي شادين جي رواج جو هڪ سبب اباڻي زمينن جي ورهاست ٿيڻ کان بچائڻ آهي ڇو ته اباڻي ملڪيت ۾ قبائلي عورتن جي حصي جو معاملو به هن وقت به بنيادي تڪرار آهي. مذڪوره رسم کي رياستي ريوينو جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جي قانون جي تحت قانوني اهميت حاصل آهي، اهڙيون شاديون غيرقانوني نٿيون سمجهيون وڃن جڏهن ته رسمي طور تي به انهن شادين کي قبول ڪيو ويندو ڪنوار سنيتا چوهاڻ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته هن ڪنهن به دٻاءُ ۾ شادي ناهي ڪئي پر هن پنهنجي بيٽي قبيلي جي رسم کي زنده رکڻ جي لاءِ ٻن ڀائرن سان شادي ڪئي. پهريون ڀيرو هڪ ئي ڪنوار سان ٻن مردن جي شادي جي تقريب سرعام منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، تقريبون ٻن ڏينهن تائين جاري رهيون.