لاهور: پي ٽي آءِ 5 آگسٽ تي مينار پاڪستان تي جلسي لاءِ انتظاميه کان اجازت گهري ورتي

پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان 5 آگسٽ تي مينار پاڪستان تي جلسي جي درخواست پارٽي جي لاهور جي صدر امتياز شيخ طرفان ڊپٽي ڪمشنر کي جمع ڪرائي وئي رپورٽ موجب پي ٽي آءِ لاهور جي صدر امتياز شيخ ڊپٽي ڪمشنر کي درخواست جمع ڪرائي آهي، جنهن ۾ 5 آگسٽ تي مينار پاڪستان تي جلسي جي لاءِ اجازت طلب ڪئي وئي آهي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي 5 آگسٽ تي شام 4 وڳي کان رات 10 وڳي تائين جلسي جي اجازت ڏني وڃي ٻئي طرف چيئرمين پي ٽي آءِ بيرسٽر گوهر جوڊيشل ڪمپليڪس اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ڳالهين جو وقت ختم ٿي ويو آهي، هاڻ جيل مان باني عمران خان پاڻ تحريڪ جي اڳواڻي ڪندو. هن چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ هڪ به نالو باني جي مرضي کان سواءِ نه آيو آهي هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ جي 5 آگسٽ تي احتجاج جي سڏ تي مرڪزي ۽ پنجاب جي قيادت ۾ اختلاف سامهون آيا هئا، پنجاب جي چيف آرگنائيزر 5 آگسٽ تي احتجاج نه ڪرڻ تي عهدو ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏني هئي. پي ٽي آءِ جي عبوري چيئرمين بيرسٽر گوهر، وڏي وزير خيبرپختونخواهه علي امين گنڊاپور سميت ٻين مرڪزي اڳواڻن 90 ڏينهن ۾ فائنل احتجاج جي سڏ تي قائم هو. پر پنجاب جي چيف آرگنائيزر عاليه حمزه 5 آگسٽ تي فائنل ڪال جي موقف تي ڄمي وئي هئي انهي کان اڳ اهي ڳالهيون سامهون اچي رهيون هيون ته پاڪستان تحريڪ انصاف 5 آگسٽ تي پنهنجي باني عمران خان جي گرفتاري جي 2 سال مڪمل ٿيڻ تي ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪندي، پر پي ٽي آءِ قيادت طرفان 90 ڏينهن ۾ تحريڪ شروع ڪرڻ جي اعلان تي اختلاف پيدا ٿي ويا هئا.