سکر: مائڪرو ڪالوني ۾ پاڻي جو پراڻو مسئلو حل، يوسي 7 جي چيئرمين ممتاز علي اعواڻ جو وڏو قدم

سکر جي جيئي شاهه ڪميٽي، يونين ڪائونسل 7 مائڪرو ڪالوني جي رهواسين کي درپيش پاڻي جو پراڻو مسئلو آخرڪار حل ٿي ويو. ان حوالي سان يوسي 7 جي چيئرمين ممتاز علي اعواڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته مائڪرو ڪالوني جا رهواسي ڪيترن ئي سالن کان پاڻي جي کوٽ جو شڪار هئا، جيڪو هڪ سنجيده مسئلو بڻجي چڪو هو. چيئرمين چونڊجڻ بعد سڀ کان پهرين هن اهم مسئلي کي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ۽ ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ جي مڪمل سهڪار سان ان جو حل ممڪن بڻايو ويو. شروعاتي طور تي نئين پاڻي جي لائن وڌي وئي هئي، پر ڪجهه علائقن تائين مناسب پاڻي پهچ نه ٿي سگهيو. هاڻ ٻيهر ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ سان رابطو ڪيو ويو، جن جي سهڪار سان هاڻي وڏي لائن وجھڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. چيئرمين ممتاز علي اعواڻ اميد ظاهر ڪئي ته هن قدم کانپوءِ نه صرف مائڪرو ڪالوني پر آس پاس جي ٻين علائقن کي به پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي سگهبي. علائقي جي رهواسين هن ترقياتي قدم تي چيئرمين يوسي 7 ۽ ميئر سکر جو ٿورائتو ٿي، اميد ظاهر ڪئي ته عوامي مسئلا اهڙي ئي جذبي سان حل ٿيندا رهندا