سينيٽ چونڊن ۾ ميمبرن جي چونڊ لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن جو ڳٺ جوڙ چونڊن جي ٻن ڏينهن کان پوءِ ئي ختم ٿي ويو، پيپلز پارٽي، جي يو آءِ،(ن) ليگ ۽ اي اين پي خيبرپختونخواهه حڪومت جي اي پي سي ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب سينيٽ چونڊن ۾ ميمبرن جي چونڊ جي لاءِ خيبرپختونخواهه ۾ اپوزيشن پارٽين پاڪستان مسلم ليگ(ن)، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جمعيت علماءِ اسلام حڪومت سان گڏ ايڪٽ ڪري ورتو هو جنهن جي تحت حڪومت ۽ اپوزيشن مفاهمتي فارمولي جي تحت ۽ گڏيل اميدوارن جي چونڊ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا، پر اها ڳٺ جوڙ سينيٽ چونڊن جي ٻن ڏينهن کان پوءِ ختم ٿي وئي هئي. ڪي پي ڪي حڪومت طرفان گهرايل امن امان جي حوالي سان اي پي سي ۾ اپوزيشن پارٽي شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. عوامي نيشڻل پارٽي جي صوبائي صدر ميان افتخار چيو آهي ته اي پي سي حڪومت سطح تي آهي ۽ حڪومت اڳ ئي فيصلا ڪري چڪي هوندي آهي، جيڪڏهن اي پي سي تحريڪ انصاف جي سطح تي گهرائي وڃي ها ته اي اين پي شرڪت ضرور ڪري ها انهي حوالي سان جي يو آءِ جي ترجمان عبدالجليل جان تصديق ڪئي آهي ته جي يو آءِ تحريڪ انصاف جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿيندي.