لاهور: شوروم جو ملازم 110 تولا سون، 10 لک روپيه روڪ رقم چوري ڪري فرار

لاهور ۾ هڪ شوروم جو ملازم وڏي مقدار ۾ سون ۽ روڪ رقم چوري ڪري فرار ٿي ويو آهي، پوليس فرار ٿيل ملازم جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي. داخل ڪرايل ايف آءِ آر جي متن موجب شهري نواب قريشي مين فيروز پور روڊ تي شورم ٺاهي رکيو هو، جڏهن هن صبح شوروم کوليو ته سمورو سامان ٽڙيل پکڙيل سامان مليو جڏهن ته الماڙي ۽ سمورن دروازن جا تالا ٽٽل هئا. ايف آءِ آر ۾  ٻڌايو ويو آهي ته چور 110 تولا سون، 10 لک روپيه روڪ رقم ۽ 2 پسٽل چوري ڪري فرار ٿي ويو آهي، جنهن جي ڳولا لاءِ پوليس ڇاپا مار ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن. پوليس موجب سي سي ٽي وي ۾ شوروم جو ملازم افتخار چوري ڪندي نظر اچي رهيو آهي جنهن کان پوءِ پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدار جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.