اسلام آباد جي نجي هائوسنگ سوسائٽي ۾ ايندڙ ٻوڏ وهڪرن ۾ گاڏي سميٽ لڙهي ويل ڪرنل(ر) اسحاق قاضي جي لاش ملي وئي جڏهن ته ڌيءَ جي ڳولا جو ڪم جاري آهي. وفاقي راڄڌاني ۾ تيز برسات دوران پاڪ فوج جي(ر) ڪرنل اسحاق پنهنجي ڌيءَ سان گڏ گهر مان نڪتو ته انهي جي گاڏي خراب ٿي وئي، انهي دوران پاڻي جو وهڪرو آيو جنهن ۾ ٻئي پيءَ، ڌيءَ گاڏي سميت پاڻي جي وهڪرن ۾ لڙهي ويا. گذريل ٻن ڏينهن کان گاڏي سميت گم ٿي ويل پيءَ ۽ ڌيءَ جي ڳولا جو ڪم جاري هو، گذريل ڏينهن نجي هائوسنگ سوسائٽي جي برساتي نالي ۾ سرچ آپريشن مڪمل ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ هاڻ سوان درياءَ جي داخلا ۽ خارجي رستن تي سرچ آپريشڻ ڪيو پيو وڃي. ريسڪيو ٽيمن کي گذريل ڏينهن گاڏي جو بمبر ۽ سائيڊ مور مليا هئا پر گاڏي جي ڪابه خبر نه پئجي سگهي هئي. هاڻ ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪرنل(ر) اسحاق قاضي جي لاش سوان درياءَ جي پل ڀرسان ملي وئي آهي، جڏهن ته ڌيءَ جي ڳولا جو ڪم جاري آهي. هوڏانهن ريسڪيو اختيارين کي نسوان درياءَ کي گاڏي جو يونٽ ۽ دروازو ملي ويو هو.