ڪشمور ۾ بدامني، ڦُرن ۽ اغوا جون وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون آهن، جتي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بي بس نظر اچي رهيا آهن ڏينهن ڏٺي جو مين روڊ تي هٿياربند جوابدارن ستاره سنڌ گڊز ٽرانسپورٽ جي اڏي تي حملو ڪري اڏي مالڪ رامچند کان 3 موبائل فونز ۽ لکين رپيا روڪ رقم ڦُري فرار ٿي ويا، جڏهن ته پوليس واقعي کانپوءِ روايتي خاموشي اختيار ڪئي.عيني شاهدن مطابق، واپاري رامچند پنهنجي روزاني ڪاروبار ۾ مصروف هو ته ان دوران موٽرسائيڪل سوار ٽي هٿياربند نوجوان اچانڪ آيا ۽ هٿيارن جي زور تي کيس يرغمال بڻائي، ساڻس ڦرڪئي. جوابدار واردات بعد آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. واپاري جي اطلاع باوجود پوليس نه صرف دير سان پهتي، واردات خلاف واپاري برادري سخت ردعمل جو اظهار ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو. واپارين جو چوڻ هو ته پوليس جي نااهلي سبب شهر ۾ روز بروز ڏوهاري سرگرمين ۾ واڌ ٿي رهي آهي، واپارين جو مطالبو هو ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، شهر ۾ امن امان بحال ڪيو وڃي ۽ واپاري برادري کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.