وچ اوڀر ايران جي شهر زاهدان ۾ هٿياربند ماڻهن جو عدالتي ڪمپائونڊ تي اوچتي حملي دوران 5 ڄنا مارجي ويا، جڏهن ته 13 زخمي ٿي پيا آهن مقامي ميڊيا جي رپورٽن موجب اهو حملو هڪ منظم ڪارروائي جي تحت ڪيو ويو جنهن ۾ هٿياربند ماڻهن عدالت جي عمارت کي نشانو بنايو. عرب ميڊيا موجب حملو ڪندڙ ججز جي ڪمرن ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪندا رهيا. ايراني ميڊيا موجب جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب جيشن العدل نالي هٿياربند گروپ زاهدان ۾ عدالتي ڪمپائونڊ تي ٿيل حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. هوڏانهن ملڪ جي مغربي حصي ۾ به هڪ ٻيو پرتشدد واقعو پيش آيو، صوبي مغربي آذربائيجان جي شهر سردشت جي ڏوراهين ڳوٺ اغلان ۾ ايراني پاسداران انقلاب جي هڪ اڏي تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. اهو حملو هڪ دهشتگرد گروپ طرفان ڪيو ويو، جنهن ڳوٺ ۾ قائم فوجي اڏي کي نشانو بنايو پاسداران انقلاب جي مغربي آذربائيجان شهداءِ بيس جي ترجمان ڪرنل شاڪ ٻڌايو ته حملو ڪندڙن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي پر حملي جا مڪمل تفصيل اڃان تائين سامهون نه اچي سگهيا آهن. اختيارين انهي امڪان کي رد ناهي ڪيو ته انهي واقعي ۾ ڪرد عليحدگي پسند گروپ ملوث ٿي سگهي ٿو جيڪو ماضي ۾ به خطي ۾ اهڙين ڪارروائين شامل رهيو آهي انهن ٻنهي حملن ايران ۾ سلامتي جي صورتحال تي هڪ دفعو ٻيهر سواليه نشان لڳائي ڇڏيا آهن. زاهدان ۽ سردشت ۾ ٿيل اهڙين پرتشدد ڪارروائين جي جاچ جاري آهي ۽ مقامي اختياريون اهڙن عناصرن جي نشاندهي وارين ڪوششن ۾ مصروف آهن. عوامي سطح تي به اهڙن حملن کان پوءِ ڳڻتي ۽ بي يقيني جي ڪيفيت هوندي آهي، جڏهن ته حڪومت تي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ وڌي رهيو آهي.