بينظير نشوونما پروگرام ۾ اربين روپين جا ساشي پيڪ صرف هڪ ئي ڪمپني کان وٺڻ جو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي 2022 کان هينئر تائين 97 ارب روپيه انهي پروگرام جي تحت ڏنا ويا ۽ ڪمپني کي اهو ٺيڪو ڏنو ويو آهي جڏهن ته آڊٽ جو به ڪوبه مڪينزم موجود نه آهي. سينيٽ ۾ لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ويو ته فراهم ڪيل ڪمپني جي خريداري جو عمل مڪمل طور تي ڊبليو ايف پي جي اندروني پروڪيومنٽ جي طريقيڪار موجب هو جمعي تي سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر انوشه رحمان جي سوال جي جواب ۾ وزارت تخفيف غربت، سماجي تحفظ لکت ۽ وفاقي وزير پارلياماني معاملا ضمني سوالن جي جواب ۾ هائوس کي ٻڌايو ته بينظير نشوونما پروگرام ۾ 21-2020 کان وٺي 25-2024 جي دوران هڪ کرب روپين کان وڌيڪ جي رقم رکي وئي. پهرين سال 2 ارب ٻئي مالي سال ۾ پوڻا 5 ارب روپيه رکيا ويا انهي ۾ اضافو انهي وقت جي ناڻي واري وزير جي مالي 23-2022 جي بجيٽ ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو ته بينظير نشوونما غذائيت پروگرام کي سمورن ضلعن تائين واڌ ڏني ويندي انهي تي ساڍا 21 ارب روپيه خرچ ٿيندا.