شڪارپور: تعلقي لکي چڪ ٿاڻي جي حد جي ڪچي علائقي ۾ قادراڻي جتوئي ۽ ڪٻرا مهر برادرين جي وچ ۾ هلندڙ تڪرار نئين رت وهائي ڇڏيو. فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل شاهن ولد ڀليڏنو قادراڻي جتوئي اسپتال منتقل ڪرڻ دوران زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب ٻنهي ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان ٻيهر فائرنگ شروع ٿي، جنهن دوران شاهن قادراڻي سخت زخمي ٿي پيو. کيس فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هن زخمن سبب رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو.فائرنگ کانپوءِ ٻنهي ڌرين جي ماڻهن مورچا بندي اختيار ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال قائم آهي. انتظاميا جي بيحسي سبب مقامي رهواسين ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي، پر اڃا تائين ڪو به مؤثر قدم نه کنيو ويو آهي.