اسرائيل جا غزه تي حملا جاري، امداد جي اوسيئڙي ۾ ويٺل 42 ڄڻن سميت وڌيڪ 71 فلسطيني شهيد

 اسرائيل جا والاريل فلسطين جي علائقي غزه تي وحشياڻه حملا جاري آهن، بمباري ۾ وڌيڪ 71 فلسطيني شهيد ٿي ويا. الجزيره اسپتال ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيندڙ 71 ڄڻن ۾ امدادي جي اوسيئڙي ۾ ويٺل 42 فلسطيني به شامل آهن. اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 59 هزار 700 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته زخمين جو انگ هڪ لک 44 هزار 477 ٿي ويو آهي. ٻئي طرف غذائي کوٽ ۽ بک سبب معصوم ٻارن سميت ڪيترائي فلسطيني فوت ٿي ويا، بک جي شدت سبب شهيد ٿيندڙن جو انگ 127 ٿي ويو جن ۾ 85 ٻار به شامل آهن. ورلڊ فوڊ پروگرام موجب غزه جي وڏي آبادي ڪيترن ئي ڏينهن کان خوراڪ کان محروم آهي، يو ايس ايڊ موجب حماس طرفان آمريڪي فنڊ جي فراهم ڪيل امداد جي چورين جون شاهديون به نه مليون آهن. جرمني، فرانس ۽ برطانيه اسرائيل کان امداد تي پابنديون هٽائڻ جو مطالبو ڪيو. هوڏانهن عالمي سماجي ڪارڪنن جي امدادي ٻيڙي غزه جي ويجهو پهچي وئي ۽ اسرائيلي ڊرون ٻيڙي جي چوڌاري اڏام شروع ڪري ڇڏي.