کنڊ جي ايڪسپورٽرز ۽ ڊيلرز خلاف جاچ شروع، ڪيترن ئي مل مالڪان ۽ ڊيلرز کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو

وفاقي حڪومت کنڊ جي ايڪسپورٽرز ۽ ڊيلرز جي خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ڪيترن ئي مل مالڪان ۽ شوگر ڊيلرز کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو آهي. پيداوار واري وزارت جي ذريعن موجب حڪومتي معاهدي کان پوءِ به شوگرملز مالڪان ۽ ڊيلرز جي طرفان کنڊ جي قيمتن ۾ گهٽتائي ممڪن نه ٿي سگهي جنهن تي وفاق حڪومت سخت ناراض آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪيترن ئي شوگرملز مالڪان ۽ ڊيلرز کي پرڏيهي ملڪن جي سفر کان روڪيو ويو آهي، پهرين مرحلي ۾ شوگر ڊيلرز جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا پيا وڃن. ذريعن موجب ڊسمبر ۾ کنڊ ايڪسپورٽ ڪندڙ ملز مالڪان، ڊيلرز ۽ بيورو ڪريٽس جي خلاف جاچ ڪئي ويندي ۽ ذميوارن جو تعين ڪيو ويندو. پيداوار واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل بيورو ڪريٽس کان به جاچ ڪئي ويندي. اهڙن قدمن جو مقصد کنڊ جي قيمتن ۽ سپلاءِ ۾ استحڪام آڻڻ آهي. ذريعن موجب کنڊ 170 روپين جي لڳ ڀڳ قيمت يقيني بنائي ويندي ته جيئن عوام سک جو ساهه کڻي. ٻئي طرف ملڪ ۾ کنڊ جي سڀني کان وڏي هول سيل منڊي(اڪبري مارڪيٽ) مان کنڊ غائب ٿي وئي جنهن سب کنڊ جو نئون بحران پيدا ٿي ويو. اڪبري منڊي جي سوداگرن موجب شوگرملز مالڪان 165 روپيه ڪلو ايڪس مل پرائس تي فراهمي جي شرط ته مڃي ورتي پر کنڊ جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي. اڪبري منڊي ۾ کنڊ جو اسٽاڪ خاتمي جي ويجهو آهي. ڪيترن ئي ڏينهن کان شوگر ملز کنڊ فراهم نه ڪئي آهي.  هوڏانهن پاڪستان شوگرملز ايسوسيئيشن موجب شوگرملون 165 روپيه ايڪس مل قيمت تي کنڊ فراهم ڪري رهي آهي.