گهرو وزير اسحاق ڊار ترڪ هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي جنهن ۾ فلسطين ۾ اسرائيلي ظلمن جي مذمت ڪئي وئي ۽ غزه ۾ فوري طور تي جنگبندي جو مطالبو ڪيو ويو پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪي جي گهرو وزير باڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪيون، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ اتي بي گناهه فلسطينين جي نسل ڪشي، بي دخلي ۽ غذائي بحران تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو انهي موقعي تي ٻنهي پرڏيهي وزيرن بنا رنڊڪ انساني امداد جي فوري فراهمي، فوري جنگبندي ۽ منصفاڻه، پائيدار ۽ جامع امن جي لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو ٻنهي اڳواڻن فلسطيني عوام ۽ انهن جي جائز موقف جي حمايت جو ارادو ڪيو ۽ گڏيل قومن ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس کان مثبت نتيجن جي اميد ظاهر ڪئي.