راولپنڊي: غيرت جي نالي تي قتل ڪيل سدره جي پوليس سيڪيورٽي ۾ قبرڪشائي

غيرت جي نالي تي قتل ڪيل 18 ورهين جي سدره جي ڪيس ۾ عدالتي حڪم تي چهتي قبرستان پيرودهائي ۾ قبر ڪشائي ڪئي وئي قبر ڪشائي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، ايليٽ فورس اهلڪار قبرستان ۾ مقرر رهيا جڏهن ته قبر جي چوڌاري قناتون ۽ شاميانيا لڳايا ويا هئا هولي فيملي اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽر مصباح جي سربراهي ۾ ميڊيڪل ٽيم موقعي تي موجود رهي، عدالتي مئجسٽريٽ جي معائني کان پوءِ ٽي ايم اي جي عملي قبر کوٽڻ جو عمل شروع ڪيو، انهي موقعي تي 2 جوابدارن، گورکن راشد ۽ قبرستان ڪميٽي جي سيڪريٽريٽ سيف الرحمان کي به نشاندهي جي لاءِ آندو ويو هو قبرڪشائي جي موقعي تي مقتوله عورت جي مڙس عثمان جو والد الياس به قبرستان پهتو، جتي هولي فيملي اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽر لاش مان سيمپل ورتا، جيڪي فرانزڪ ليبارٽري اماڻيا ويندا هوڏانهن پوليس اڳوڻي وائس چيئرمين عصمت الله سميت وڌيڪ 3 جوابدارن جي انهي ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي ۽ سمورن 6 جوابدارن کي قبر جي نشاندهي لاءِ قبرستان آندو ويو جڏهن ته سڃاڻپ جي لاءِ مقتوله سدره جي ٻئي مڙس عثمان ۽ انهي جي والد کي به سڃاڻپ جي لاءِ قبرستان ۾ موجود رکيو ويو. اختيارين موجب پوسٽ مارٽم کان پوءِ لاش کي ٻيهر دفنايو ويندو پوسٽ مارٽم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سدره جي لاش کي ٻيهر دفن ڪيو ويو جنهن کان پوءِ هولي فيملي اسپتال جي ڊاڪٽرز جو بورڊ واپس روانو ٿيو. ٻئي طرف پوليس گرفتار جوابدار کي جسماني ريمانڊ جي لاءِ جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ پيش ڪيو جتي عدالت مان جوابدارن جو وڌيڪ جسماني ريمانڊ طلب ڪيو ويندو ياد رهي ته راولپنڊي جي علائقي پيرودهائي ۾ سدره کي غيرت جي نالي تي قتل ڪري خاموشي سان دفن ڪيو ويو هو. پوليس جاچ موجب سدره کي گهر مان ڀڄڻ تي جرڳي جي حڪم تي قتل ڪيو ويو جنهن کان پوءِ انهي کي رات جي اونداهي ۾ قبرستان ۾ دفن ڪري نشان مٽايا ويا هئا.