گوجرانوالا ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو سمنڊ جي ڪناري تي گوليون لڳل لاش هٿ آيا آهن ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ چائنا پورٽ واري علائقي مان جوڙي جا لاش هٿ آيا آهن، هٿ آيل لاشن جي سڃاڻپ گوجرانوالا جي ساجد مسيح ۽ ثنا جي نالي سان ڪئي وئي آهي جن تازو پيار جو پرڻو ڪيو هو ٻڌايو پيو وڃي ته لاشن تي گولين جا نشان موجود آهن، جڏهن ته واقعي واري هنڌان 2 نائن ايم ايم جا 2 خول به هٿ آيا آهن پوليس موجب ساجد مسيح ۽ ثنا پسند جو پرڻو ڪيو هو، ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جو تعلق گوجرانواله سان هو، جن تازو پيار جو پرڻو ڪيو هو ٻنهي جون عمرون 30 کان 35 ورهين جي وچ ۾ آهن. مرد ۽ عورت جي لاشن ڀرسان موبائل فون پڻ هٿ آيو آهي پوليس ٻنهي لاشن کي پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.