شڪارپور: مھر، جتوئي برادرين وچ ۾ نوجوانن جي اغوا کانپوءِ ڇڪتاڻ وڌي وئي

مھر ۽ جتوئي جي برادرين وچ ۾ تڪرار، نوجوانن جي اغوا کانپوءِ ڇڪتاڻ وڌي وئي. شڪارپور ضلعي جي تعلقي لکي غلام رستم لڳ چڪ ٿاڻي جي حد ۾ مھر ۽ جتوئي برادري تڪرار شدت اختيار ڪري ويو، ڌرين وچ ۾ نوجوانن جي اغوا سبب ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن تي انتظاميا اڃا تائين خاموش تماشائي بڻيل آهي ذريعن موجب ڳوٺ جمون خان مهر جي رهواسي نوجوان غلام رسول پٽ غلام سرور مهر کي اڻڄاتل هٿياربندن اغوا ڪري کنڀي ويا، جن جو تعلق مبينا طور تي جتوئي برادري سان ٻڌايو پيو وڃي، مغوي نوجوان جي آزادي جي بدلي طور، مهر برادري جي ماڻهن جتوئي برادري جي ڳوٺ مان نوجوان کي اغوا ڪري ورتو آهي، جنهن سبب ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي جڏهن جتوئي برادري جي اڳواڻن طرفان سخت موقف اختيار ڪيو ويو، جنهن سان ٻنهي ڌرين وچ ۾ تڪرار وڌڻ جو انديشو آهي، ٻنهي برادرين جا ماڻهو هٿيارن سان ليس ٿي هڪ ٻئي جي ماڻهن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال باوجود، انتظاميا ۽ پوليس پاران ڪو به ِ قدم نه کنيو ويو آهي.