حسن ابدال ۾ برساتي نالي ۾ ويگو گاڏي لڙهي وئي، 4 عورتن جا لاش هٿ، ٻار جي ڳولا جاري

اٽڪ جي علائقي حسن ابدال ۾ برساتي نالي ۾ لڙهي ويل 4 عورتن جا لاش ملي ويا جڏهن ته ٻار جي ڳولا لاءِ آپريشن جاري آهي حسن ابدال ۾ جهاري ڪس نالي ۾ تيز وهڪرن سبب ويگو گاڏي لڙهي وئي جنهن ۾ 10 ماڻهو سوار هئا، ريسڪيو 5 ڄڻن کي حفاظت سان ڪڍي ورتو هو جڏهن ته 4 عورتون ۽ ٻار گم ٿي ويا هئا ريسڪيو اختيارين آپريشن کان پوءِ 4 عورتن جا لاش ڪڍي ورتا، ريسڪيو اختيارين موجب متاثر فيملي واهه ڪينٽ جي رهواسي آهي جيڪا شادي جي تقريب ۾ واپس اچي رهي هئي ياد رهي ته گذريل رات راولپنڊي اسلام آباد سميت مختلف شهرن ۾ تيز برسات پئي جنهن سبب ڪيترائي هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا ڪجهه هنڌن تي ندي نالن ۾ چاڙهه اچي وئي