“کنڊ جي قيمتن ۾ ڪا گهٽتائي نه، في ڪلو 200 رپيه تي برقرار”

ملڪ ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي، عوام حڪومت طرفان مقرر ڪيل کنڊ جي ڳولا لاءِ پريشان ٿي رهيو آهي رپورٽ موجب حيدرآباد ۾ کنڊ 190 کان 200 روپيه ڪلو ٿي وئي آهي، ڪراچي جي ريٽيل بازار ۾ کنڊ 180 کان 190 روپيه ڪلو ملي رهي آهي جنهن سبب شهري پريشان ٿي ويا آهن. جڏهن ته ڪوئٽه ۽ پشاور ۾ به کنڊ 180 روپين کان گهٽ نه ملي رهي آهي لاهور ۾ ڊيلرز ۽ شوگرملز مالڪان جو تڪرار برقرار آهي جنهن سبب مختلف دڪانن تي کنڊ دستياب نه آهي. ڊيلرز جو چوڻ آهي ته شوگرملز مالڪان 165 روپين تي کنڊ نه ڏئي رهيا آهن ڪراچي ۾ کنڊ اسٽاڪ ڪندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو جنهن دوران 7 دڪانون سيل ڪيون ويون آهن. 2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته 10 لک 700 هزار روپيه ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. وزيراعظم کنڊ جي ايڪس مل قيمت 165 رويه ۽ ريٽيل قيمت 173 روپين تي سختي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. شهباز شريف چيو آهي ته معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري وڌيڪ قيمتون وصول ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.