وفاقي محتسب اعليٰ پاڪستان اعجاز احمد قريشي جي خاص هدايتن تي وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ ريجنل آفيس ميرپورخاص جي نگراني هيٺ ٽنڊوآدم ۾ عوامي شڪايتن جي فوري حل لاءِ کلي ڪچهري جو اهتمام ڪيو ويو، هي کلي ڪچهري ريجنل هيڊ انجنيئر محمد عارف جي سربراهيءَ ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ مختلف وفاقي ادارن خلاف شهرين جي شڪايتن جي ٻڌڻي ڪئي وئي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندي حيسڪو، سوئي سدرن گيس، نادرا، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، ريلوي ۽ ٻين وفاقي ادارن بابت شڪايتون پيش ڪيون، ڪيترين ئي شڪايتن تي موقعي تي ئي ڪارروائي ڪندي مسئلن جو حل ڪرايو ويو، جڏهن ته ڪجهه ڪيسن بابت لاڳاپيل آفيسرن ۽ درخواستگذارن کي وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ آفيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي انجنيئر محمد عارف چيو ته وفاقي محتسب جو ادارو بغير ڪنهن فيس جي عام ماڻهن جي مسئلن جو فوري ۽ قانوني طريقي سان حل پيش ڪري ٿو، هن شهري عوام کي اپيل ڪئي ته هو سادي ڪاغذ تي پنهنجي شڪايت لکي جمع ڪرائن، جن تي قانون مطابق جلد قدم کنيا ويندا ان موقعي تي هن ٻڌايو ته جاري سال دوران هن وقت تائين لڳ ڀڳ 3000 شڪايتون وصول ٿي چڪيون آهن، جيڪي گذريل سال جي مقابلي ۾ 26 سيڪڙو وڌيڪ آهن، جيڪو عوام جي وڌندڙ اعتماد جو ثبوت آهي کلي ڪچهري ۾ ڪيترن ئي اهم آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي، جن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوآدم حنين طارق شاهاڻي، حيسڪو آفيسر آصف علي چنا، سوئي سدرن گيس انچارج سيد حبدار علي شاھ، ڊي ايس پي عبدالستار گرگيچ، نادرا انچارج شاهد حسين هاليپوٽو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فيصل گجر، مختيارڪار رحم علي زرداري، ميونسپل ڪاميٽي جو وائيس چيئرمين ملڪ ذوالفقار ۽ ٻين ادارن جا عملدار شامل هئا شهرين کلي ڪچهري جي اهتمام کي ساراهيندي چيو ته اهڙن پروگرامز سان عام ماڻهوءَ جون دانهيون سڌو سنئون اختيارين تائين پهچن ٿيون، ۽ اميد ظاهر ڪئي، ته اهڙيون ڪچهريون باقاعده بنيادن تي جاري رکجن.