خصوصي معاون سلميٰ بٽ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته 10 هزار ليٽر چرٻي ۽ آلائشنن مان تيار ڪيل زھريلو تيل تلف ڪيو ويو آهي ۽ ذميوارن خلاف مقدمو داخل ڪيو ويو آهي هن ٻڌايو ته فيڪٽري ۾ موجود خام مال ضبط ڪري تلف ڪيو ويو آهي.
سلميٰ بٽ جو چوڻ هو ته:
“پنجاب فوڊ اٿارٽي جي لائسنس کان سواءِ غيرقانوني طريقي سان ڪم ٿي رهيو هو، چرٻي ۽ آلائشنن مان تيار ٿيل اھو تيل رڳو بايو ڊيزل لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو، خوراڪ لاءِ بلڪل نٿو هجي.”
(اهو به پڙهو:) جانورن جي چرٻي ۽ آنتن مان ڪوڪنگ آئل ٺاهڻ جو انڪشاف
هن وڌيڪ چيو ته:
“خوراک جي نالي تي زهر وڪرو ڪندڙن لاءِ ڪا به رعايت نه ٿيندي، سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ياد رهي ته ان کان اڳ به پنجاب فوڊ اٿارٽي، اي آر وائي نيوز جي ٽيم سان گڏ ڇاپو هڻي، جانورن جي چرٻي ۽ آنتن سان ڀريل وڏيون ڪڙهايون هٿ ڪيون هيون، جن مان ڪوڪنگ آئل تيار ڪيو پئي ويو. بعد ۾ فيڪٽري سيل ڪئي وئي چرٻي ۽ کلون وڏن ڪڙهاين ۾ ساڙي تيل ڪڍيو پئي ويو، ۽ کلن مان چرٻي الڳ ڪرڻ لاءِ تيزاب جو استعمال ڪيو پئي ويو ڊي جي پنجاب فوڊ اٿارٽي عرفان ميمن جي سربراهيءَ ۾ ڇاپو هنيو ويو، جنهن دوران ملازم فرار ٿي ويا هئا فرار ٿيل فيڪٽري مالڪ ۽ عملي خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.