“سنرجيڪو جو وڏو قدم: آمريڪا سان 10 لک بيرل تيل جو معاهدو

تفصيلن مطابق، پاڪستان جي پيٽروليم ريفائنري ڪمپني “سنرجيڪو لميٽيڊ” آمريڪا کان سڌو خام تيل درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي مپني طرفان لڳ ڀڳ 10 لک بيرل آمريڪي خام تيل درآمد ڪيو ويندو ذريعن موجب، آمريڪي خام تيل جي پهرين کَپي اڪتوبر 2025 ۾ پاڪستان پهچڻ جو امڪان آهي اهو معاهدو وائٽل ٽريڊنگ ذريعي طئي ٿيو آهي، جيڪا دنيا جي سڀ کان وڏي تيل واپاري ڪمپني مڃي وڃي ٿي ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪي خام تيل جو گريڊ سعودي خام تيل جي معيار مطابق آهي، ۽ اهو معاهدو آمريڪا سان تجارتي ڳالهين جي حصي طور تي طئي ٿيو آهي ٻئي طرف، ڪمپني جي نائب چيئرمين اسامه قريشي رائٽرز سان ڳالهائيندي هن ترقي جي تصديق ڪئي آهي هن چيو ته: “پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آمريڪا کان خام تيل درآمد ڪيو پيو وڃي هن ٻڌايو ته سنرجيڪو لميٽيڊ اڪتوبر ۾ عالمي توانائي ڪمپني Vitol کان هڪ ملين بيرل آمريڪي خام تيل درآمد ڪندي اسامه قريشي موجب، ٽرمپ جي بيان کان پوءِ پاڪستان جي خزاني ۽ پيٽروليم وزارتن مقامي ريفائنرين کي آمريڪي خام تيل درآمد ڪرڻ جي همٿ افزائي ڪئي واضح رهي ته: آمريڪا، پاڪستاني برآمدات تي 19٪ ٽئريف لاڳو ڪري ڇڏيو آهي هي معاهدو اپريل 2025 کان جاري ڪيترن مهينن جي ڳالهين کان پوءِ طئي ٿيو، جڏهن سابق صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان تي 29٪ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي هاڻ آمريڪا پاران پاڪستان تي تجارتي ٽئريف ۾ 10٪ جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي، يعني پاڪستاني شين تي هاڻي 29٪ جي بدران 19٪ ٽيڪس لاڳو ٿيندو ان سان گڏ: ڀارت تي 25٪ اسرائيل ۽ جاپان تي 15٪ ٽئريف لاڳو ڪيو ويو آهي.