بغير پوليو ويڪسين جي: پرڏيهي سفر منع — عالمي پابنديون جاري

تفصيلن موجب عالمي صحت اداري (ڊبليو ايڇ او) پاڪستان تي لاڳو پوليو سان لاڳاپيل عالمي سفري پابنديون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪندي انهن ۾ 3 مهينن جي وڌيڪ توسيع ڪري ڇڏي آهي اهو فيصلو ڊبليو ايڇ او جي پوليو ايمرجنسي ڪميٽي جي 42هين اجلاس ۾ ڪيو ويو، جيڪو 18 جون تي وڊيو لنڪ ذريعي ٿيو، جنهن ۾ پوليو کان متاثر ملڪن جي اختيارين شرڪت ڪئي ڊبليو ايڇ او جي بيان مطابق اجلاس ۾ وائلڊ پوليو وائرس ون (WPV1) جي عالمي ڦهلاءُ، خاص طور تي پاڪستان ۽ افغانستان ۾ جاري خطري بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ اداري ٻنهي ملڪن کي وائرس جي عالمي ڦهلاءُ لاءِ مستقل خطرو قرار ڏنو آهي، ۽ چيو ويو آهي ته سرحدي آمد و رفت ۽ بي گهر مهاجرن جي حرڪت ذريعي وائرس جي منتقلي جاري آهي بيان مطابق ڏکڻ خيبرپختونخوا، ڪوئيٽه بلاڪ، ڪراچي، پشاور ۽ ڏکڻ افغانستان ۾ پوليو وائرس جو ڦهلاءُ جاري آهي۔ سال 2023 جي وچ کان پاڪستان ۾ پوليو وائرس جي ڦهلاءُ ۾ واڌ ٿي آهي، ۽ 2025 جي شروعات تائين 245 پوليو مثبت سيويج سيمپلز رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته صرف گذريل 3 مهينن ۾ 8 تصديق ٿيل پوليو ڪيس ظاهر ٿيا آهن ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته حساس علائقن مان وائرس جو ڦهلاءُ ۽ ويڪسين کان محروم ٻارڙا پاڪستان جي ايمونائيزيشن سسٽم تي سوال کڙا ڪن ٿا۔ اداري خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن موجوده صورتحال برقرار رهي، ته پاڪستان جو 2025 تائين پوليو ختم ڪرڻ جو هدف حاصل ڪرڻ مشڪل ٿيندو اداري طرفان گلگت بلتستان مان پوليو ڪيس سامهون اچڻ تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي، ۽ چيو ويو آهي ته لو ويڪسين ڪوريج وارن علائقن مان وائرس جو ڦهلاءُ جاري آهي۔ هن وقت پاڪستان ۾ پوليو وائرس جا 3 جينيٽڪ ڪلسٽر سرگرم آهن، جيڪي وائرس جي گهٽ ڦهلاءُ واري موسم ۾ به سرگرم هجڻ جا ثبوت آهن اعلاميي ۾ سيڪيورٽي مسئلن، والدين جي انڪار ۽ بائيڪاٽ کي ويڪسين مهم ۾ رڪاوٽ قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته حڪومت پاڪستان کي حساس علائقن ۾ وڌيڪ موثر مهمون هلائڻ گهرجن ۽ مقامي برادرين سان رابطي ۾ رهڻ گهرجي ڊبليو ايڇ او پاڪستان ۽ افغانستان جي انسداد پوليو لاءِ گڏيل تعاون جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته 2025 ۾ ٻنهي ملڪن 4 گڏيل پوليو مهمون ڪاميابي سان مڪمل ڪيون
آخر ۾ چيو ويو آهي ته:
“پاڪستان مان ٻاهر سفر ڪندڙ سڀني شهرين لاءِ پوليو ويڪسين لازمي آهي، جڏهن ته ڊبليو ايڇ او ٽي مهينا پوءِ وري انسداد پوليو قدم جو جائزو وٺندو ياد رهي ته پاڪستان تي پوليو سبب عالمي سفري پابنديون پهريون ڀيرو مئي 2014 ۾ لاڳو ٿيون هيون، جيڪي اڃا تائين ختم نه ٿيون آهن۔