تفصيل موجب پنجاب فوڊ اٿارٽي گجرات ۾ ڀمبر روڊ، قادر ڪالوني جي ويجهو هڪ وڏي گودام تي ڪارروائي ڪندي جعلي کير تيار ڪندڙ گروهه کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي هي گرينڊ آپريشن فوڊ اٿارٽي جي مرڪزي آفيس جي ڀرسان عمل ۾ آيو، جتي روزانو جي بنياد تي ڪيميڪلز ۽ مصنوعي پائوڊر سان جعلي کير تيار ڪري شهر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ سپلاءِ ڪيو پيو وڃي فوڊ اٿارٽي جي ترجمان موجب ڇاپي دوران پنجاب جي سڀ کان وڏي جعلي کير جي مقدار هٿ آئي، جنهن ۾ 32 هزار 500 ڪلو مصنوعي کير جو پائوڊر ۽ 435 ڪلو پيڪنگ جو مواد شامل هو. ان سان گڏ خالي بيگ، مکسر مشين ۽ ٻيو سامان به ضبط ڪيو ويو ترجمان ٻڌايو ته واقعي واري هنڌ تي موجود ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي حڪام جو چوڻ آهي ته انساني صحت سان کيڏندڙ اهڙن عنصرن خلاف سخت ۽ زيُرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي ويندي پنجاب فوڊ اٿارٽي شهرين کان اپيل ڪئي آهي ته مشڪوڪ کير يا خوراڪ بابت فوري اطلاع ڏين ته جيئن عوام کي محفوظ ۽ معياري خوراڪ مهيا ڪري سگهجي.