لاهور هاءِ ڪورٽ جو اعتراض: پهرين لاڳاپيل فورم تي وڃو، پوءِ عدالت اچو

تفصيل موجب پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پاران 5 آگسٽ تي مينارِ پاڪستان، لاهور ۾ جلسي جي اجازت لاءِ داخل ڪيل درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي آفيس ابتدائي اعتراض لڳائيندي درخواست واپس ڪري ڇڏي آهي اهو درخواست پنجاب اسيمبلي جي ميمبر شيخ امتياز طرفان داخل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته انتظاميا پاران جلسي جي اجازت نه ڏيڻ غير قانوني آهي، تنهن ڪري عدالت ان فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي پر هاءِ ڪورٽ آفيس اعتراض ڪيو ته درخواست گذار قانوني مدد لاءِ پهرين متعلقہ فورم يا ريڊريسل ڪميشن سان رابطو نه ڪيو، جيڪو ضروري قانوني مرحلو آهي عدالت جي هدايت موجب، درخواست گذار کي چيو ويو آهي ته هو پهرين مجاز فورم سان رابطو ڪري، ۽ جيڪڏهن اُتان داد رسي نه ملي ته پوءِ عدالت سان رجوع ڪري سگهي ٿو ياد رهي ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ اسلام آباد به 5 آگسٽ تي ايف-نائين پارڪ ۾ جلسي جي اجازت لاءِ درخواست ڏني هئي، جيڪا ريجنل صدر عامر مغل ۽ جنرل سيڪريٽري ملڪ عامر طرفان ڊپٽي ڪمشنر کي داخل ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ سياسي بيانيي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ جلسي جي اجازت جو مطالبو ڪيو ويو هو۔