پاڪ فوج جو نئون هٿيار: Z-10ME هيليڪاپٽر شامل

پاڪ فوج ۾ جديد Z-10ME هيليڪاپٽر کي شامل ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير ملتان گيريزن جو دورو ڪيو جنهن دوران کيس فارميشن جي آپريشنل تيارين ۽ تربيتي سرگرمين تي بريفنگ ڏني وئي آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل قومي اتحاد ۽ سول ملٽري هم آهنگي جي اهميت تي زور ڏنو ۽ فوج جي قومي خودمختاري ۽ علاقائي سالميت جي تحفظ جو ارادو ظاهر ڪيو آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل جي ملتان گيريزن جي دوري جي موقعي تي پاڪ فوج جي ٻيڙي ۾ جديد Z-10ME اٽيڪ هيليڪاپٽر شامل ڪيو ويو آهي آءِ ايس پي آر موجب جديد Z-10ME اٽيڪ هيليڪاپٽر هر موسم ۽ رات ۾ به صحيح نشانو لڳائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. انهي جديد نظام جي شموليت پاڪ فوج جي ايوي ايشن کي جديد طريقي سان هم آور ڪرائڻ طرف هڪ اهم سنگ ميل آهي. فيلڊ مارشل عاصم منير فوجي جوانن ۽ آفيسرن سان ملاقات ڪئي ۽ جوانن جي غير معمولي حوصلي ۽ پيشه وارانه مهارت جي تعريف ڪئي. آرمي چيف هٿيارن جي حڪمت عملي جي ڪامياب مظاهري جي به تعريف ڪئي.