سينئر وڪيل خواجه شمس الاسلام جي قتل جو معاملو ظاهر ٿي ويو، جوابدار وڊيو بيان ۾ قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو وڊيو بيان موجب جوابدار عمران آفريدي قتل جو اعتراف ڪندي چيو ته شمس الاسلام منهنجي والد کي اغوا ڪري بدترين تشدد جو نشانو بنايو جنهن کان پوءِ کيس قتل ڪيو ويو. ٻنهي جي وچ ۾ 35 لک روپين جي ڏيتي ليتي جو تڪرار هو عمران آفريدي موجب نه صرف منهنجي والد کي قتل ڪيو ويو پر انهي کان پوءِ منهنجي خاندان کي ڪوڙن ڪيسز ۾ ڦاسايو ويو. شمس الاسلام منهنجي ڀائرن تي دهشتگردي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ۽ اسان جي عورتن کي به قانوني طريقي سان پريشان ڪيو ويو، حالانڪه انهن جو انهي معاملي ۾ ڪوبه تعلق نه هو جوابدار جو چوڻ آهي ته مون کي قانوني نظام مان انصاف نه مليو، جنهن جي ڪري مون پاڻ بدلو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. عمران آفريدي چيو ته قتل مون اڪيلي سر ڪيو آهي، منهنجي ڪنهن به عزيز، دوست يا رشتيدار جو انهي ڏوهه سان ڪوبه تعلق ناهي، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا منهنجي خاندان يا دوستن کي تنگ نه ڪن ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪراچي جي علائقي خيابان راحت ۾ واقع قرآن اڪيڊگي جي ٻاهران خواجه شمس الاسلام کي انهي وقت فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو جڏهن هو پنهنجي پٽ دانيال الاسلام سان گڏ جنازي جي نماز ۾ شرڪت کان پوءِ مسجد مان ٻاهر نڪري جوتا پائي رهيو هو ته حمله آور اوچتو گوليون هلائي ڇڏيون پوليس واقعي جو ڪيس مقتول جي ڀاءُ خواجه فيض الاسلام جي مدعيت ۾ درخشان ٿاڻي ۾ داخل ڪري ورتو آهي جنهن ۾ قتل، دهشتگردي ۽ ٻيا سنگين قلم شامل ڪيا ويا آهن پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي اعترافي بيان جي روشني ۾ وڌيڪ قانوني ڪارروايون جاري آهن