ٺڪراٺو: لڳ نينگر سان زيادتي جي ڪوشش، جوابدار اڃا تائين آزاد

ٺڪراٺو : لڳ ڳوٺ مکڻو لغاري واسڻ  پيرسن عورت سڪينہ لغاري گھرڀاتين سان گڏ سندس پٽ عبدالستار لغاري سان مبينا بدفعلي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار گرفتار نہ ٿيڻ خلاف پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو احتجاج ڪندڙن پيرسن عورت سڪينہ لغاري سبحان لغاري عيدن ۽ ستار لغاري الزام ھڻندي چيو  ته ٻہ ڏينھن اڳ جوابدارن ميول پٽ ممتاز ۽ بوڊو لغاريءَ منهنجي پٽ  ستار لغاريءَ سان کجين جي باغ ۾ بدفعلي جي ڪوشش ڪئي ھئي نينگر جي رڙين ڪرڻ تي پھچي اسان کيس ڇڏايو تہ جوابدارن اسان مٿان تشدد ڪيو ھنن وڌيڪ چيو ته اسان ٿاڻو مبارڪپور تي پھچي جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي آ پر ان باوجود مبارڪپور پوليس جوابدارن کي هن مهل تائين گرفتار ناهي ڪيو احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي سکر ۽ مبارڪپور پوليس کان جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو هوڏانهن ايس ايچ او مبارڪپور رابطي تي ٻڌايو  ته متاثر ڌر جا ماڻھو نينگر سان بدفعلي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن خلاف اين سي رپورٽ داخل ڪرائي ويا آھن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس رواني ٿي وئي آھي.